حافظ ابراهيم

حافظ ابراهيم: حافظ ابراهيم مغل دؤر جي نامور بزرگن مان هو. سنڌ جي تاريخ جي مشهور ڪتاب تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس نسبت لاکا ذات سان ڄاڻائيندي لکيو آهي ته: ”هيءُ علمي فيض ۾ ايڏي ته مرتبي کي پهتو، جو شاهجهان بادشاهه جي پٽ دارا شڪوه کي پڙهائڻ لاءِ شاهي درٻار پاران استاد مقرر ٿيو. دارا شڪوه جيستائين جيئرو هو، هو پنهنجي استاد حافظ ابراهيم جي گهڻي عزت ڪندو هو. هن کي وڏي شهرت حاصل هئي.“


لفظ حافظ ابراهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو